ڪورنگي ۾ ڪپڙي جي گودام ۾ لڳل باهه تي قابو

ڪورنگي ۾ ڪپڙي جي گودام ۾ لڳل باهه تي قابو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ مهراڻ ٽائون شيطان چوڪ ڀرسان ڪپڙي جي گودام ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو.فائر برگيڊ آفيسر ظفر خان جو چوڻ آهي ته 2 فائر ٽينڊرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.فائر برگيڊ آفيسر ظفر خان موجب کولنگ جو عمل جاري آهي، باهه لڳڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گودام ۾ موجود هڪ ڄڻي کي ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو