ڪوئٽا ۾ ايف سي جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت 14 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا ۾ ايف سي جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت 14 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا (ويب ديسڪ) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه جي ميڪانگي روڊ تي ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪافي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ايف سي جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو ابتدائي اطلاعن موجب 2 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 14 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي. لياقت بازار لڳ موٽر سائيڪل ۾ فٽ ڪيل بارودي مواد ڦاٽي پيو. ابتدائي طور 14 زخمين جو اطلاع آهي. سيڪورٽي فورسز ڌماڪي واري جاءِ تي پهچي ويون آهن ۽ ڪڙو چاڙهيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو