ڪو به پارٽي اڳواڻ مون کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري: عمران خان

ڪو به پارٽي اڳواڻ مون کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خبر آهي ته پارٽي جا ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان مليا آهن.گذريل ڏينهن عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن موجب اجلاس دوران ڪور ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن تي عمران خان ناراض ٿي ويو ۽ پارٽي پاليسين تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو.ذريعن موجب ملاقات دوران پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته کيس خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان مليا آهن.ذريعن موجب عمران خان خبردار ڪيو آهي ته ڪو به کيس نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڪور ڪميٽي جا ميمبر پارٽي پاليسي موجب ٽوئيٽ ڪن.ذريعن موجب عمران خان پارٽي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ شيرين مزاري کي نگران مقرر ڪيو.ذريعن موجب عمران خان ڪور ڪميٽي ميمبرن کي احتجاج لاءِ فنڊز جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو جلد احتجاج جي سڏ ڏيڻ وارو آهي، سموريون تنظيمون سرگرم ٿي وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو