ڪميشن جو امتحان پاس نه ڪندڙ آفيسرن کي نوٽيس

ڪميشن جو امتحان پاس نه ڪندڙ آفيسرن کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اسٽنٽ ڪمشنر طور سڌي ريت ڀرتي ٿيڻ بعد عدالتي حڪم تحت اي سي ون ۽ ٽو جا امتحان پاس نه ڪندڙ 17کان 20هين گريڊ جي  15 ڪامورن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، 20هين گريڊ جي ٻن، 19هين گريڊ جي 8،  گريڊ 18هين جي 4 ۽ گريڊ 17 جي هڪ ڪاموري کي شوڪاز نوٽيس اماڻيا ويا آهن. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي هدايتن کانپوءِ عدالتي حڪم باوجود ڪليٽر ون ۽ ڪليٽر ٽو جو امتحان نه ڏيندڙ مڪاني ادارن واري کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري 20هين گريڊ جي آفيسر چراغ الدين هڱورو، 20هين گريڊ جي  روينيو عملدار  مخدوم شڪيل الزمان، 19هين گريڊ جي ڪامورن تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر ٿيل غلام حيدر مڱريو، ڪامران شهزاد، محمد بابر قدير، سيد احمد علي شاھ، فوڊ اٿارٽي جي ڊي جي امجد لغاري، پلاننگ کاتي جي ڊي جي اسلم کوسو، اقليتن واري کاتي جي ڊائريڪٽر سڪندر خشڪ، امتياز راڄپر،  18هين گريڊ جي 4 ڪامورن  مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو، شهزاد طاهر ٿهيم، محمد حسين گھمرو ۽ عزيز احمد برلاس ۽ 17هين گريڊ جي هڪ ڪاموري عبدالفهيم خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪامورن کي مختلف وقتن تي سِڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو هو، اهي ڪامورا ترقيون ماڻي مٿين عهدن تائين پهچي چُڪا آهن. عدالتي حڪم تحت کانئن ڪليڪٽر ون ۽ ڪليڪٽر ٽو جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ جي هدايتن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران امتحان پاس نه ڪندڙ  ڪامورن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو