اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري سان پاڪستان کي ٻاهرين فنانسنگ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته خدشو به موجود آهي ته پاڪستان کي ڪمزور حڪومت جي ڪري پرڏيهي ادائيگين ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.موڊيز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان جي سي اي اي ريٽنگ مستحڪم رهندي، پروگرام سان نه رڳو آءِ ايم ايف پر گڏيل ۽ گهڻ طرفي ادارن کي به مدد ملندي.رپورٽ موجب حڪومت پاران سڌارا جاري رکڻ سان آءِ ايم ايف جي مالي مدد به جاري رهندي، آءِ ايم ايف پروگرام حڪومت کي پرڏيهي مالياتي خطرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ 3 کان 5 سالن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي ادائگي جي صورتحال نازڪ رهندي، ڪمزور گورننس ۽ سماجي مسئلن جي ڪري حڪومت سڌارن تي مڪمل عملدرآمد نه ڪري سگهي، امداد جي معطلي جو خدشو آهي.موڊيز موجب، نئين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دور رس سڌارا شامل آهن، جنهن ۾ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ سمورن استثنان کي ختم ڪرڻ شامل آهن. توانائي جي شعبي ۾ نقصان کي ختم ڪرڻ لاءِ انرجي ٽيرف ۾ وقت تي اضافو ڪيو وڃي.موڊيز جي رپورٽ موجب اعليٰ ٽيڪسن ۽ مهانگي توانائيءَ سبب سماجي ڇڪتاڻ وڌندي، جنهن سان سڌارن تي عملدرآمد ۾ ڏکيائيون پيدا ٿينديون ۽ ڪمزور اتحادي حڪومت کي به سخت سڌارن تي عملدرآمد ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 21 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ادائيگين جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 5 جولاءِ تائين پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 9.4 ارب ڊالر هئا.










