ڪشمير پريميئر ليگ جو آفيشل ترانو جاري

ڪشمير پريميئر ليگ جو آفيشل ترانو جاري

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) جو آفيشل ترانو جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو ڳائڻ وارن ساحر علي بگا ۽ آئمه بيگ ڳايو آهي.ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) ڪالهه پنهنجو سرڪاري ترانو جاري ڪيو.هي ترانو ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) جي ٻئي ايڊيشن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪا 11 آگسٽ کان 25 آگسٽ تائين ٿيندي.ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل) پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي ساحر علي بگا ۽ آئمه بيگ جي ڳايل ترانو کي جاري ڪيو.تراني جي وڊيو ۾ شاهد آفريدي، شعيب ملڪ ۽ ڪامران اڪمل پڻ موجود آهن.واضح رهي ته ڪي پي ايل جي ترجمان موجب مظفر آباد اسٽيڊيم ۾ 11 کان 25 آگسٽ تائين 25 ڏينهن ۽ رات جون ميچون کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو