ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مقابلو 2 اهلڪار شهيد 4 زخمي

ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مقابلو 2 اهلڪار شهيد 4 زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ گيهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهاري ٽولن خلاف آپريشن، 2 پوليس اهلڪار شهيد، ايس ايڇ او سميت 4 پوليس اهلڪار زخمي، مارجي ويل پوليس اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي عرفان علي سمون جي هدايتن تي صبح کان ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن دوران پوليس پاران ٿاڻي گيھلپور جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون هٿياربندن جديد هٿيارن سان پوليس تي راڪيٽ لانچر ۽ اينٽي ايئر گن گرافٽ جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار هدھ ڊومڪي ۽ صابر ڊومڪي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ايس ايڇ او گل محمد مهر سميت 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ مصري جکراڻي،شاهبيگ جکراڻي،عبدالوهاب جکراڻي شامل، شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو،جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي. پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو