ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي پاران ڪسٽم جي ميگا ڪرپشن ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ ان ڏس ۾ ٻن مرڪزي ڪردارن کي عهدن تان معطل ڪيو ويو آهي ايف آئي اي آفيسن مطابق سينيئر پريوينٽو آفيسر محمد طيب خان ۽ پريوينٽو آفيسر شهباز احمد کي عهدي تان معطل ڪيو ويو ٻنهي آفيسرن جا نالا گرفتار جوابدارن جاچ دوران ٻڌايا هئا ڪسٽم آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي ايف آئي اي آفيسرن مطابق آفيسر محمد طيب اعليٰ آفيسرن کي رشوت عيوض سون خريد ڪري ڇڏيو ٻنهي آفيسرن کان ايف آئي اي جاچ ڪندي آفيسرن ٻڌايو ته ڪسٽم جي هڪ آفيسر تي سپاهي اسمگلنگ جي عيوض رشوت وٺڻ جو الزام آهي ۽ آفيسر رشوت جي رقم مان سون خريد ڪرڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










