ڪشمور(جي ايم کوسو)ڪرمپور ڀرسان چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ پراڻو خوني تڪرار وري ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪ ڌر ڪاھ ڪري پنهنجي ئي سئوٽن نوجوان جميل احمد ۽ بابن چولياڻي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان موقعي تي ئي مارجي ويا، ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪرمپور سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس ڪو داخل نه ٿي سگهيو هو.










