ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ قائم ڊينٽل ڪلينڪ ۾ چيني باشندن تي فائرنگ جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ايس ايڇ او پردي جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ قتل ۽ دهشتگردي جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن.ڪيس جي متن موجب فائرنگ جو واقعو ڪالهه پيش آيو.پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا 4 خول ۽ 3 سڪا مليا آهن، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ ڳاڙهي ٽوپي پائيندڙ شخص کي فائرنگ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ ڊاڪٽر ايڇ يو رچرڊ جو ملازم رونالڊ مارجي ويو.










