ڪراچي، هلندڙ مهيني ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي، هلندڙ مهيني ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي وارا مئي جي مهيني ۾ تيار رهن، موسميات کاتي سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪيو آهي، ان کان علاوه، هي هيٽ ويو وچ ۽ مٿانهين سنڌ ۾ 3 مئي تائين جاري رهندو.ڄامشورو، دادو، نوابشاهه ۽ خيرپور سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ پارو معمول کان 4 کان 6 درجا وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ به گرمي پنهنجي عروج تي رهندي، ڪراچي شهر ۾ موسم ايندڙ ٽن ڏينهن تائين گرم ۽ نم رهندي.اڄ پارو 39 درجا تائين پهچڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي 75 سيڪڙو تائين رهڻ سبب گرمي جي شدت اصل گرمي پد کان تمام گهڻي محسوس ڪئي ويندي.موسميات کاتي شهرين خاص طور تي ٻارن ۽ بزرگن کي سج جي غير ضروري نمائش کان بچڻ ۽ ممڪن حد تائين پاڻي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، هارين کي پنهنجي ڪڻڪ جي فصل ۽ جانورن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڏينهن جي وقت سڌي سج جي روشني کان پاسو ڪيو وڃي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو