ڪراچي، ابراهيم حيدري مان پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي، ابراهيم حيدري مان پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ دهشتگرد ابراهيم حيدري کي گرفتار ڪري ورتو.ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري مان ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم کي مالي مدد ڏيندو هو.سي ٽي ڊي جي انچارج جو چوڻ آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪندا هئا، جوابدار جي قبضي مان امدادي رسيدون ۽ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ افغانستان وڃڻ چاهيندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو