ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊينگي جي موذي مرض جو خطرو وڌي ويو آهي، شهر جي وڏين اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ بيڊ گهٽ آهن.صوبائي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن باوجود ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو ڊينگي سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.ان کان اڳ موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪراچي جي اسپتالن ۾ روزانو سوين مريض داخل ٿي رهيا آهن.واضح رهي ته ڪراچي ۾ 15 آگسٽ کان پوءِ ڊينگي جي ڪيسن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










