ڪراچي ۾  ڊيري فارمرن پاران  کير جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو اعلان

ڪراچي ۾ ڊيري فارمرن پاران کير جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز کير جي قيمت ۾ ويهه رُپيا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. رپورٽس موجب ڪراچي ۾ ڊيرفارمرز پاران کير جي اگهه ۾ ويهه رُپيا واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته ڇنڇر يارنهن فيبروري کان کير جي في ليٽر قيمت 210 رُپيا ٿي ويندي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ کير جو سرڪار اگهه 180 رُپيا في ليٽر آهي پر شهر ۾ کير 190 رُپيا في ليٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هاڻي وڌيڪ ويهه رُپيا واڌ سان کير جي نئين قيمت 210 رُپيا ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو