ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽماٽر کانپوءِ بصرن به ڊبل سينچري ٺاهي ورتي، پياز 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو.سبزي منڊي ۾ پياز جي هڪ مڻ جو اگهه 6 هزار رپيا في ڪلو پياز 600 رپيا آهي.سبزي منڊي جي ذريعن موجب ٻوڏ سبب بصرن جو فصل تباهه ٿي ويو، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ بصرن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ايران مان گهربل بصرن امپورٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ بصرن جو نئون فصل به اچڻ شروع ٿي ويو آهي.










