ڪراچي ۾ ننڍي چوند 16 ۽ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿينديون

ڪراچي ۾ ننڍي چوند 16 ۽ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿينديون

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر 2022 تي ئي ٿينديون پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول مطابق قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 237 ملير ۽ اين اي 239 اورنگي ڪراچي ۾ 16 آڪٽوبر 2022 ۽ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر 2022 تي ٿينديون. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان مطابق حيدرآباد ڊويزن ۾ جيئن ئي حالتون ٺيڪ ٿينديون ته اتي به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن مطابق مڪاني چونڊن جو اهتمام جلد ڪرايو ويندو هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن تائين چونڊون نه ٿيڻ ۾ ڪائي صداقت نه آهي ترجمان چيو ته ان ڏس ۾سموريون تياريون جاري آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو