ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عيد الفطر جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ميٽروول ضياء ڪالوني ۾ مديني مسجد ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو نوجوان حسن الله مارجي ويو.نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون صابري چوڪ، رئيس امروهي ڪالوني، لياري، نيو ڪراچي، فاطمه جناح ڪالوني، ناظم آباد، قائد آباد، لياقت آباد، بلديه يوسف گوڙ، رشيد آباد، سوات محل ۽ ٻين علائقن ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ڄڻن سميت 17 ڄڻا مارجي ويا. ٻار ۽ عورت زخمي ٿي پيا.










