ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ملير سردار حسن نيازي ٻڌايو ته 29 مارچ تي شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا هئا، واقعي ۾ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هو. ايس ايس پي موجب پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي ۽ ٻئي جوابدار ڪيترن ئي مهينن کان پنهنجي ڪمانڊر علي حسن سانگو سان رابطي ۾ هئا. پوليس موجب جوابدارن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملي جي رٿابندي به ڪئي هئي، جڏهن ته علي حسن سانگو کين دستي بم ۽ رقم به فراهم ڪئي هئي. ايس ايس پي ملير جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار شري بلوچ جي ورسي جي موقعي تي دهشتگردي جي ڪارروايون ڪرڻ چاهيندا هئا، جنهن کي پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو.










