ڪراچي ۾ ترڪ انجنيئر کي لٽيندڙ جوابدار گرفتار، ڪار هٿ

ڪراچي ۾ ترڪ انجنيئر کي لٽيندڙ جوابدار گرفتار، ڪار هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پريڊي پوليس مقابلي کان پوءِ ترڪ انجينئر کي لٽينڊر جوابدار کي گرفتار ڪري ڪار هٿ ڪري ورتي ڊي ائي جي ڏکڻ عرفان بلوچ مطابق پوليس جي ڳجهن اهلڪارن پاران صدر ۾ جوابدارن جي ٽولي تي نظر رکيل هئي جوابدار جمعي جي صبح واردات لاءِ صدر پهتا ته پوليس ڪڍ لڳي ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لائنز ايريا ۾ جوابدارن جي گاڏي جوٽائر برسٽ ٿي ويو ۽ مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو پوليس مطابق واردات 18 اپريل تي صدر ۾ عبدالله هارون روڊ تي ٿي جنهن ۾ 14 لک رپيا ڦر ڪيا ويا هئا واردات کان اڳ ترڪ شهري پنهنجي گاڏي پارڪ ڪري رقم وٺي پيادل مني ايڪسچينج وڃي رهيو هو ڏوهارين جي ٽولي کي ان واردات ۾پوليس جو يونيفارم پهريل هو ڏوهاري جنهن ڪرولا ڪار ۾ سوار هئا اها ڪار هٿ ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو