ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪالا بورڊ کان سعود آباد چورنگي تائين ٻه لين روڊ جي بحالي ۽ ڀرپاسي جي روڊن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، آر سي ڊي گرائونڊ کي به بحال ڪري رهيا اهيون، جنهن سان شهرين کي سهولت ميسر ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري واعدو ڪيو هو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪم ڪرائيندي، پيپلز پارٽي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. هن چيو ته عمران خان ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي مايوس ڪيو.

اها ڳالهه خان صاحب جي الوداعي تقرير هئي، سندس مقصد پاڪستان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ هو، اهي ڳالهيون هن ملير کان ڪالا بورڊ کان سعود آباد چورنگي تائين ٻه لين روڊ جي بحالي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سلمان عبدالله مراد، ميمبر صوبائي اسيمبلي يوسف مرتضيٰ بلوچ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيبر هڊ هيڊ پراجيڪٽ نذير ميمڻ، جاويد شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي جنهن طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي ان ۾ ايندڙ وقت ۾ تبديلي نظر ايندي، ڪورنگي ۾ پيپلزپارٽي جو هڪ ايم اين اي يا ايم پي اي ناهي ان جي باوجود ڪورنگي ۾ پيپلزپارٽيءَ پاران جيڪي ڪم ڪرايا ان جهڙو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم جاري آهن، ڏيڍ ارب جي لاڳت سان شهر جا مختلف روڊ تعمير ۽ مرمت ڪيا پيا وڃن، جهانگير روڊ، چاڪيواڙ روڊ، محبت خان جي روڊ ۽ شاهراهه نور جهان جي تعمير پڻ ڪئي ويندي. ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان شهرين کي روزاني زندگي ۾ سهولت ملندي.










