ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس موجب چوماسي جي برساتن جي ٽئين اسپيل ۾ سنڌ جَي راڄڌاني ۾ مختلف حادثن ۾ 17ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن پوليس موجب 23 جولاءِ تي ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا، 24 جولاءِ تي لياري ۽ لياقت آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ جا واقعا پيش آيا، جن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا رپورٽ موجب 25 جولاءِ تي سائيٽ ايريا، لياري، سهراب ڳوٺ، سرجاني ٽائون ۽ بلديه ۾ مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿيا ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته 26 جولاءِ تي سخي حسن ۽ ملير ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا،جڏهن ته 27 جولاءِ تي گارڊن ۽ دستگير ۾ 3 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا










