ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ بادلن جي وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان تي بادل ڇايل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ اڄ ٻپهرن يا شام جو گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه هوا ۾ نمي جو تناسب 82 سيڪڙو آهي ۽ سمنڊ جون هوائون 8 ڪيلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو