ڪراچي ۾ اوچتو کير 10رپيا مهانگو،180 رپيا لٽر ٿي ويو

ڪراچي ۾ اوچتو کير 10رپيا مهانگو،180 رپيا لٽر ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ اوچتو کير 10رپيا مهانگو ٿي ويو، نئون اگهه 180 رپيا لٽر ٿي ويو، ڏهي، مکڻ ۽ گيهه جي اگهن ۾ پڻ جلد واڌ ٿيندي ان ڏس ۾ ڊيري مالڪن جو چوڻ هو ته ڳائي مال ۾ ٿيل لمپي جي بيماري، برساتن سبب مال جو چارو ۽ ڏارو نه ملڻ ۽ سوئا مينهن جي ڪراچي آمد رڪجڻ ڪري کير جو اگهه وڌايو آهي ٻئي طرفڪراچي جي انتظامي عملدارن کير جي اگهه ۾ واڌ کان اڻڄاڻائي ڏيکاري ڇڏي، مھانگائي ماريل شھرين پاران کير جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪيو ويو آھي شھرين موجب اڳ ئي مھانگائي وڌي وئي آھي، غير معياري کير بھ مھانگو وڪرو ٿي رھيو آھي، انتظاميا کي قدم کڻڻ گھرجن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو