ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دهلي کان دبئي ويندڙ انڊين ايئر لائين جي جهاز جي ڪراچي ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي.ايوي ايشن ذريعن موجب اڏام ايس جي 11 ۾ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ فني خرابي پيدا ٿي آهي.ڀارتي جهاز جي پائليٽ سان رابطو ڪرڻ تي جهاز کي انساني همدردي جي بنياد تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.هوابازي ذريعن موجب ڀارتي بوئنگ 737 جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي محفوظ لينڊ ڪيو آهي.ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، پر مسافرن کي اترڻ جي اجازت نه ڏني وئي.ٻئي طرف ڪراچي ايئرپورٽ تي ڀارتي جهاز جو معائنو ڪيو پيو وڃي.










