ڪراچي: ڪالاڪوٽ مان بي ايل ايف جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: ڪالاڪوٽ مان بي ايل ايف جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي حساس اداري ۽ پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب وفاقي حساس اداري ۽ پوليس لياري جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن فورس (بي ايل ايف) جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي ٻڌايو ته ٻن دهشتگردن جو تعلق بلوچستان لبريشن فورس ڊاڪٽر الله نذر گروپ سان آهي، جن جي سڃاڻپ وليد عرف والار ۽ شعيب عرف ببلو جي نالن سان ٿي آهي.ايس ايس پي موجب دهشتگردن وٽان ٻه دوستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگرد شهر ۾ بدامني پکيڙڻ چاهيندا هئا.سندن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو