ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 8 ربيع الاول جي موقعي تي چپِ تعزيه جو پهريون جلوس صبح ساڍي 6 وڳي نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو. پوليس شهر قائد ۾ چپ چاپ تعزيي جي جلوس جي سلسلي ۾ اڳ ئي ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو هو.ٽريفڪ پوليس موجب اڄ شهر ۾ چپ چاپ تعزيا جا 2 جلوس نڪرندا. پهريون جلوس نشتر پارڪ کان صبح 6:30 وڳي روانو ٿيو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو انور باغ موسيٰ لين لياري تي پهتو.ٻيو جلوس رضويه سوسائٽي قصر مصيب امام بارگاهه کان منجهند 1:00 وڳي نڪرندو، اهو جلوس الطاف حسين بریلوي روڊ ناظم آباد نمبر 1 کان ٿيندو لسبيلا چوڪ تي پهچندو، لسبيلا کان ٿيندو جلوس مارٽن روڊ تي ٽي هٽي، پي آءِ بي ڪراسنگ، جيل کان ٿيندو.ترجمان جو چوڻ آهي ته هي جلوس مارٽن روڊ تي ٿيندي جامع مسجد ۽ امام بارگاهه شاهه نجف کان ٿيندو.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته جلوس جي رستن تي عام ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي هوندي، شهري تڪليف کان بچڻ لاءِ متبادل رستو اختيار ڪن.ٻئي طرف گرين لائن بس سروس اڄ به بند رهندي، تعزيي جي جلوس جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن جي ڪري.بي آر ٽي ايس جي ترجمان موجب بي آر ٽي ايس اورنج لائن بس سروس معمول مطابق هلندي.










