ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ پيءُ ۽ پٽ شامل آهن.پوليس موجب فيڊرل بي ايريا بلاڪ نمبر 18 ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 جوابدارن بئنڪ مان پئسا کڻي ويندڙ عورت جو تعاقب ڪيو ۽ گهر ٻاهران عورت کي ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته متاثرن شور مچايو.گشت تي موجود اهلڪارن جوابدارن جو تعاقب ڪيو، جنهن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران زخمي جوابدار سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن ۾ بلال پٽ شعيب ۽ عظيم پٽ بلال پيءُ پٽ شامل آهن.گرفتار جوابدار جي قبضي مان عورت کان چوري ٿيل پرس، جنهن ۾ 2 چيڪ بڪ، نقدي ۽ 3 موبائيل فون، 2 30 بور پسٽل، لوڊ ميگزين ۽ 1 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.










