ڪراچي پريس ڪلب جي وفد جي چيف سيڪريٽري سان ملاقات

ڪراچي پريس ڪلب جي وفد جي چيف سيڪريٽري سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب شعيب احمد جي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سان ڪراچي پريس ڪلب جي هائوسنگ سوسائٽي جي مسئلن تي ملاقات. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيف سيڪريٽري سنڌ کي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي هاڪس بي بلاڪ 68 جي حدبندي، بلاڪ 3 اي ۽ 3 اي ون ۾ ترقياتي ڪم، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي بلاڪ 12 جي جرنلسٽ ڪالوني جي الاٽٽس جي آبادڪاري لاءِ ترقياتي ڪم شروع ڪرڻ بابت آگاهي ڏني ۽ 700 نون ميمبرن لاءِ پلاٽن جي سمري تي بريفنگ ڏني. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ڊپٽي ڪمشنر ڪيماڙيءَ کي حڪم ڏنو ته فوري طور لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي بلاڪ 68 جي حدبندي شروع ڪئي وڃي ۽ زمين جو مڪمل قبضو ڪراچي پريس ڪلب حوالي ڪيو وڃي. هن صحافي ڪالوني هاڪس بي ۽ نيو ملير هائوسنگ اسڪيم بلاڪ 12 ۾ ترقياتي ڪم جلد کان جلد شروع ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت پاران ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافي برادري سان هر موقعي تي ڀرپور تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس ڪراچي پريس ڪلب اچڻ ۽ پريس ڪلب جي ميمبرن سان ملڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو