ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.چوٿين اننگز ۾ ڪپتان طور بابر اعظم سڀ کان وڏي اننگز کيڏڻ وارو رانديگر بڻجي ويو.هن رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ انگلينڊ جي مائيڪل ايٿرٽن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ڪپتان طور چوٿين اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ انگلينڊ جي مائيڪل ايٿرٽن وٽ هو جنهن 1995 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ جي چوٿين اننگز ۾ 185 رنسون ٺاهيون هيون.ان کان اڳ بيونڪانگڊن 176، ڊان بريڊ مين 173، رڪي پونٽنگ 156، گريم سمٿ 154، برائن لارا 153 ۽ ويرات ڪوهلي 141 رنز جي اننگز کيڏي چڪا آهن. هن ٽيسٽ ۾ بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ بال کيڏيا، 607 منٽن تائين وڪيٽ تي رهيو، 196 رنسون ٺاهيون ۽ عبدالله شفيق سان 520 بالن کيڏڻ جي پارٽنرشپ جو رڪارڊ به قائم ڪيو.










