ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي سي آءِ اي ڪندو.نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ۾ ايس ايس پي اوڀر، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايس پي اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل به شامل آهن.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس تي سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جون ٽيمون به ڪارروائي ڪري رهيون آهن.واضح رهي ته 26 اپريل تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.










