ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪراچي ۾ عوام کي سستي ماني فراهم ڪرڻ لاءِ 300 تندور لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي آءِ ٽي ٽيسٽ جي افتتاحي تقريب دوران گورنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ مختلف علائقن ۾ 300 تندور لڳايا ويندا، جن جو انگ اڳتي هلي هڪ هزار تائين پهچائبو، هن جو چوڻ هو ته اسان عوام کي سستي ماني مهيا ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان هڪ لک نوجوانن کي آءِ ٽي جا مختلف ڪورس مفت ۾ ڪرائڻ چاهيون ٿا گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته ڪراچي واسين کي هاڻي ٻن رپين ۾ ماني ملندي، آءِ ٽي ڪورس بابت پهرين مرحلي ۾ 10 هزار اميدوارن ٽيسٽ ڏني آهي، اهو سلسلو جاري رهندو










