ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سپر هاءِ وي تي ال آصف اسڪوائر ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا. ايس ايس پي ايسٽ موجب پوليس اهلڪار ڏوهارين جي اطلاع تي ال آصف اسڪوائر ڀرسان پهتا هئا ته ان ئي دوران موٽر سائيڪل سوار جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني.پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن سان مقابلي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿيا، جن جي سڃاڻپ رحمت ۽ حڪيم جي نالن سان ٿي آهي. ايس ايس پي ايسٽ موجب ٻئي شهيد پوليس اهلڪار سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ مقرر هئا.










