ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جعلي رهائشي سوسائٽيز جو انڪشاف ٿيڻ تي سنڌ حڪومت سوسائٽيز جي رجسٽريشن ليز ۽ ذيلي ليز ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ڪوآپريتو کاتي آئي جي رجسٽريشن سميت ٻين آفيسرن کي خط اماڻي ڇڏيو ۽ پابندي اڻ ڄاڻايل مدي تائين لاڳو هوندي خط ۾ چيو ويو ته ڪنهن به سوسائٽي کي ليز ۽ ذيلي ليز نه ڏيڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ ئي درخواستن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو لي آئوٽ پلان، بلڊنگ پلانز لاءِ هر قسم جي عمل کي روڪيو وڃي.










