لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. راولپنڊي ڊيرل مچل 65 ۽ سيم بلنگز58 جي شاندار بيٽنگ سبب 6 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنز ٺاهيون. حسن علي جي بهترين بالنگ سبب راولپنڊي 200 کان وڌيڪ اسڪور نه ڪري سگهي. اوپنر محمد رضوان 21 ۽ ياسر خان 8 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪامران غلام 10 ۽ ڪونچي 2 رنز ٺاهي سگهيو. عبدالله فضل 18 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. حسن علي 4 اوورن ۾ 24 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. بعد ۾ ڪراچي جي بيٽنگ شروع ٿي ته محمد وسيم 11 بالن تي 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سلمان آغا 29 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان ڊيوڊ وارنر ففٽي مڪمل ڪري آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد اعظم خان 4 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي ۽اعظم خان ۽ خوشدل شاهه اسڪور اڳتي وڌايو. اعظم خان جو 4 ڀيرا ڪيچ ڊراپ ٿيا. نيٺ پنجين ڀيري رشاد حسين محمد عامر کي وڪيٽ ڏياري. اعظم 34 بالن تي 74 رنز جي شاندار اننگ کيڏي ڪراچي جي فتح جو بنياد رکيو. هن 6 چوڪا ۽ 6 ڇڪا هنيا. آخري اوور ۾ 5 رنز گهربل هيون. پهرين بال تي ڊيرل مچل معين علي کي ايل بي دبليو ڪري پنهنجي ٽئين وڪيٽ ورتي. 5 بالن تي 5 رنز گهربل هيون ته عباس آفريدي ايندي ئي ڇڪو هڻي ميچ کٽي ورتي، پوئين ميچ ۾ به هن لاهور کي هڪ چوڪو ۽ هڪ ڇڪو هنيو هو. ڪراچي لڳاتار پبهنجي ٽئين ميچ کٽي پوائنٽ ٽيبل تي وري ٽاپ تي اچي وئي آهي. راولپنڊي پنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ڪراچي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنز ٺاهيون.










