ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پاپوش نگر جي هڪ خانگي بينڪ ۾ پراسرار ڌماڪو ٿيو جنهن سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.پاپوش نگر جي علائقي ۾ واقع بينڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي گونج پري پري تائين ٻڌي وئي، ڌماڪي سان بينڪ جا شيشا ٽٽي پيا جڏهن ته شٽر کي به نقصان پهتو، عام موڪل سبب بينڪ بند هئي جنهن ڪري ڪو جاني نقصان نه ٿيو.پوليس ريسڪيو عملدارن، بي ڊي يو جي ٽيم ۽ رينجرز جي نفري واقعي واري جاءِ تي پهچي وئي، ڌماڪي سبب هڪ گاڏي ۽ ڪيترين ئي موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهتو.ايس ايس پي سينٽرل غلام مرتضيٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بينڪ کان مٿيان رهائشي عمارت آهي، عمارت جي واٽر ٽينڪ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، ممڪن طور تي واٽر ٽينڪ ۾ گيس ڀريل هئي ۽ ڌماڪو گيس جي ڪري ٿيو آهي.ايس ايس پي سينٽرل موجب ڌماڪي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، بي ڊي ايس بم ڊسپوزل اسڪواڊ بينڪ جي معائني بعد ان کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو.










