ڪراچي کي 7 وڪيٽن تان شڪست، علي رضا جي هيٽ ٽرڪ

ڪراچي کي 7 وڪيٽن تان شڪست، علي رضا جي هيٽ ٽرڪ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي ناقابل شڪست هجڻ جو اعزاز برقرار رکيو. اوپنر جلدي آئوٽ ٿيڻ باوجود ڪسال مينڊس ۽ 18 سالن جي نوجوان فرحان يوسف زبردست بيٽنگ ڪندي پشاور کي فتح ڏياري. ڪسال مينڊس 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 80 رنز ۽ فرحان يوسف 3  ڇڪا 5 چوڪا هڻي 36 بالن تي 58 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پشاور 18.5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنز ٺاهي ورتا. ان کان اڳ 183 جو ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ جيمز ونس ۽ بابر اعظم اننگ شروع ڪئي. شروعات جارحاڻي انداز ۾ ڪيائون پر وڪيٽون به جلدي ڪري پين. پاو پلي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ٻئي اوپنر ئوٽ ٿي ويا. بابرهڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪا هڻي 19 بالن تي 25 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي ڊيوڊ وارنر هٿان ڪيچ ٿيو ۽ جيمز ونس کي حسن علي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 10 بالن تي 16 رنس ٺاهيون، هارڊي 5 رنز ٺاهي خوشدل جي بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ پشاور جا 57 تي 3 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪسال مينڊس ۽ فرحان يوسف اسڪور اڳتي وڌايو. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڪراچي پشاور کان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اڄ ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ اغظم خان به کيڏي رهيا آهن. اننگ جي شروعات وارنر ۽ جيسن راءِ ڪئي. پنجين اوور ۾ 35 جي اسڪور تي علي رضا ڊيوڊ وارنر کي بولڊ ڪري ڇڏيو، هن 13 بالن تي 11 رنز ٺاهيون. پاور پلي ختم ٿيڻ تي ڪراچي جو اسڪور 55 هو. سلمان آغا به 12 رنز ٺاهي ايرون هارڊي جي بال تي باسط علي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ريضا هينڊرڪس آيو، جيڪو به صفيان بال تي 16 بالن تي 13 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو.  ان دورن جيسن راءِ ففٽي مڪمل ڪئي. 15اوور ۾ صفيان جي بال تي امپائر اعظم خان کي آئوٽ ڏنو، هن رويو ورتو ته ناٽ آئوٽ رهيو، ان کان اڳ هن صفيان کي بيڪ ٽو بيڪ 2 ڇڪا هنيا هئا. اعظم خان 19 بالن تي 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هڻي 35 رنز ٺاهي افتخار جي بال تي فرحان يوسف هٿان ڪيچ ٿي ويو. جيسن راءِ 51 بالن تي 85 رنس ٺاهي باسط جي بال تي جيمز ونس هٿان ڪيچ ٿي ويو، هن2 ڇڪا ۽ 11 چوڪا هنيا. جنهن بعد خوشدل ۽ عباس آفريدي اسڪور اڳتي وڌايو. علي رضا جي آخري اوور ۾ عباس آفريدي رن آئوٽ ٿي ويو ۽ اڳئين بال تي خوشدل 2 رنز ورتا پر هو هٽ وڪيٽ ويو، پنجين بال تي شاهد عزيز بولڊ ٿي ويو. ڪراچي جا 182 تي 8 آئوٽ ٿي ويا. آخري بال کيڏڻ حسن علي آيو ۽ علي رضا هيٽ ترڪ تي هو. ۽ هن هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي. ڪراچي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو