ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڻي ۽ بجلي جي عدم فراهمي خلاف ڊپٽي ميئر ڪراچي جي گهر آڏو احتجاج ڪيو ويو.مشتعل مظاهرين نيشنل هاءِ وي جا ٻئي ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيا.شهرين سلمان مراد ٽاور ۽ شاپنگ مال اڳيان مين روڊ تي ڌرڻو هنيو.احتجاج سبب ملير کان قائدآباد ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.نيشنل هاءِ وي تي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس احتجاج واري هنڌ موجود آهي.ملير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن، جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي به معطل آهي.










