ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽريفڪ پوليس شهر ۾ مختلف روڊ ٻيهر کوليا آهن.ٽريفڪ پوليس موجب، جناح پل کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ هلڪي ٽريفڪ لاءِ کليل آهي ۽ مائي ڪولاچي روڊ تي گيٽ کان جناح پل تائين روڊ به هلڪي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.ان کان علاوه، پي آءِ ڊي سي کان سلطان آباد تائين روڊ کي هلڪي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته سلطان آباد ٽرئفڪ سيڪشن کان مائي ڪولاچي گيٽ تائين روڊ اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي.ٽريفڪ پوليس چيو ته ايم ٽي خان روڊ اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي، ايم ٽي خان روڊ تي رڪاوٽون لڳائي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي آءِ ڊي سي پل تي ڪنٽينر رکي روڊ کي بند ڪيو ويو آهي.










