ڊرگھ بالا(رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي ۾ لشمينياسز جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، سرڪاري سطع تي ڪي اپاء نه ورتا ويا . فلاحي اداري بلقيس رضيا ويلفيئر ٽرسٽ پاران ڪئمپ لڳائي سوين مريضن جو علاج ڪيو ويو. صحت کاتي پاران ڪاڇي جي سڀني صحت مرڪزن ۾ انجيڪشن فراهم نه ڪيا ويا آهن جنهن سبب ليشمينياسيز جي بيماري ۾ مبتلا ٻارڙا مرد عورتون پئسن عيوض انجيڪشن خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. ڪاڇي ۾ ليشمينياسز جي اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪا ۾ رهائش پذير ڊاڪٽر احمد سلطان لغاري بلقيس رضيا ويلفيئر ٽرسٽ پاران هڪ روزه ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ڊاڪٽر مستقيم احمد، ڊاڪٽر جگديش، ڊاڪٽر رياض حيسباڻي، ڊاڪٽر الطاق شاھ بخاري ۽ ڊاڪٽر ڀڄنداس ۽ ٻين شرڪت ڪئي ڪئمپ ۾ 1300 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو انهن مريضن ۾ 640 کان وڌيڪ مريض ليشميناسيز جا هئا جن کي مفت ۾انجيڪشن ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون جڏهن ته ڪئمپ ۾ خصوصي شرڪت آذان خان لغاري اعون احمد لغاري شرڪت ڪئي. بلقيس رضيا ويلفيئر ٽرسٽ طرفان اڳ ۾ واهي پانڌي ۾ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي هئي.










