اسلام آباد (بيورو)ڪامن ويلٿ گيمز 2022 جو گولڊ ميڊل کٽيندڙ ويٽ لفٽر محمد نوح دستگير بٽ وطن واپس پهچي ويو آهي.اسلام آباد ايئرپورٽ تي ويٽ لفٽر محمد نوح دستگير بٽ ۽ ٻين قومي رانديگرن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي. نوح بٽ کان علاوه ويٽ لفٽر حنظله دستگير، حيدر علي، والي بال ٽيم ۽ سندن پرڏيهي ڪوچ به وطن پهتا. ايئرپورٽ تي ڊي جي اسپورٽس بورڊ آصف زمان رانديگرن جو استقبال ڪيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد نوح دستگير بٽ چيو ته اسان کي ڪرڪيٽ ٽيم وانگر ڀليڪار ڪيو ويو، پي ايس بي جي ڊي جي سمورن قومي رانديگرن کي ڀليڪار ڪري سٺي روايت قائم ڪئي آهي. ٻئي طرف ڊي جي پي پي ايس بي آصف زمان چيو آهي ته قومي رانديگرن کي انعامن سان گڏ بهتر تياري جا موقعا ڏنا ويندا، جن رانديگرن کي ٻاهرين ملڪ ٽريننگ لاءِ موڪلڻو آهي، انهن کي ڀرپور موقعا فراهم ڪيا ويندا.










