ڪارڪن قتل پيا ٿين، جوڳا حفاظتي اپاءَ وٺو، شاهه

ڪارڪن قتل پيا ٿين، جوڳا حفاظتي اپاءَ وٺو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سان اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي وفد نگران وڏي وزير کي ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن امجد حسين ۽ شوڪت بلوچ جي قتل تي خدشن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي وفد نگران وڏي وزير کان دهشتگردي جي واقعن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي انهن واقعن ۾ ملوث قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني پرامن سياسي ڪارڪنن جي قتل کي ڪراچي جي امن لاءِ خطرو ۽ پرامن چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. ان موقعي تي نگران وڏي وزير پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو ۽ کين جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وڏي وزير وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ امن امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو