ڪاروباري ۽ صنعتي تنظيمن پاران بجيٽ عوام دوست قرار

ڪاروباري ۽ صنعتي تنظيمن پاران بجيٽ عوام دوست قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ 2026-2027 تي سموري ملڪ جي ڪاروباري ۽ صنعتي تنظيمن حڪومت تي ڀروسي جو اظهار ڪندي انهي کي معيشت جي استحڪام، سرمائيڪاري کي هٿي ۽ ڪاروباري سرگرين ۾ اضافي طرفان هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.ڪاروباري تنظيمن وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ معاشي ٽيم جي عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد به ڏني آهي.فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، پرڏيهي انويسٽرز، چيمبر آف ڪامرس راولپنڊي، چيمبر آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪونسل ۽ پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن سميت مختلف ڪاروباري ادارن وفاقي بجيٽ 2026-2027 جي آجيان ڪندي انهي کي ملڪي معيشت لاءِ حوصله قرار ڏنو ويو آهي.فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو چوڻ آهي ته بجيٽ ملڪي معيشت جي استحڪام، سرمائيڪاري کي هٿي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. فيڊريشن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته ڪاورباري برادري حڪومت سان تعاون جاري رکندي اقتصادي ترقي ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.پرڏيهي انويسٽر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي ۽ ڪاروباري شعبي لاءِ رليف وارن قدمن کي خوشي جوڳو قرار ڏيندي پرڏيهي سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ برآمدي شعبي لاءِ مراعتن کي سرمائيڪاري لاءِ مثبت اشارو قرار ڏنو.راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پگهاردار طبقي تي سرچارج جي خاتمي ۽ انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي کي وچولي طبقي لاءِ اهم رليف قرار ڏيندي چيو ته اهڙن قدمن سان ڪاروباري ماحول بهتر ٿيندو ۽ معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پاڪستان بزنس ڪونسل حڪومت جي اقتصادي ٽيم کي بهترين بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بجيٽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي حڪومتي ترجيح جي طور تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن ته مختلف شعبن لاءِ ڏنل رليف وارن قدمن، ڪاروباري برادري ۽ پگهاردار طبقي ٻنهي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن به بجيٽ کي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ اهڙو ماحولياتي منصوبو قرار ڏنو جيڪو بحران مان نڪري ترقي جي واضح حدفن تي مقرر آهي. ايسوسيئيشن موجب حڪومت مالياتي نظم، وضبط برقرار رکندي ترقي ۽ رليف جي وچ ۾ وچولي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته بينڪاري شعبو معيشت جي بحالي، نجي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو