ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر سبب 8 ڄڻ زخمي ٿي پيا

ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر سبب 8 ڄڻ زخمي ٿي پيا

سجاول( ڊ ر )ٻڍو ٽالپر بدين روڊ وٽ چنگچي رڪشا ۽ ڪار جو آمهون سامهون ٽڪر، ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي، زخمين کي تعلقه اسپتال سجاول آندو ويو، هڪ ڄڻي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري ڪراچي روانو ڪيو ويو، سجاول ويجهو ٻڍو ٽالپر ڀرسان  بدين روڊ وٽ چنگچي رڪشه ۽ ڪار جو  آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا ڪار سورا تعلقه شاه بندر ڳوٺ حاجي غلام محمد ڪليري جا رهواسي محمدعمرڪليري، شيرخان ڪليري، علي احمد ڪليري ۽ چنگچي سوار  ٻڍو ٽالپر جا رهواسي نيازاحمد ملاح ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال سجاول آندا ويا جنهن مان هڪ زخمي نياز احمد ملاح جي نازڪ حالت هجڻ ڪري وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ڏانهن روانو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو