ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪئي وئي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيپلز پارٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي مڪيش ڪمار چاولا کي صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير دوست علي راهمون کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي،نوٽيفڪيشن موجب لائيو اسٽاڪ کاتي جو قلمدان صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي ڏنو ويو آهي،نوٽيفڪيشن موجب ايم پي اي سليم بلوچ ۽ لال چند اڪراڻي کي وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، شرجيل ميمڻ کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو واپس ورتو ويو،نوٽيفڪيشن موجب مڪيش چاولا کي سنڌ جو ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. محمد علي ملڪاڻي کي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جو قلمدان ڏنو ويو، نوٽيفڪيشن موجب بابل ڀيو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو،کيس وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب وڏي وزير جي خاص معاونن کي قلمدان ڏنا ويا ،نوٽيفڪيشن موجب سليم بلوچ کي پبلڪ هيلٿ، جبار خان کي فوڊ ڊپارٽمينٽ جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته لال چند اڪراڻي کي اقليتي معاملن جو قلمدان ڏنو ويو آهي،خاص مددگار عثمان هنڱورو کي پرائس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ جو قلمدان ڏنو ويو ۽ خاص مددگار قاسم شاهه کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو قلمدان ڏنو ويو.










