ممبئي: (ويب ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ فلم ‘کھل نائڪ’ جي ڪاميابي جي 3 ڏهاڪن کان پوءِ، اداڪار سنجي دت پنهنجي مشهور ڪردار ‘بلو’ جي واپسي جو اعلان ڪيو آهي.رپورٽ موجب، بالي ووڊ اداڪار سنجي دت هڪ بيان ۾ چيو ته نئون منصوبو اصل فلم جي ورثي کي نئين ۽ جديد انداز ۾ پيش ڪندو.سنجي دت انسٽاگرام تي پنهنجو پهريون لُڪ شيئر ڪيو جنهن ۾ هو سخت ۽ توانائي واري انداز ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هر ڪهاڻي جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ ان جو وقت اچي ويو آهي، ‘کھل نائڪ ريٽرن’.اداڪار چيو ته ‘اهو خيال کيس جيل جي ڏينهن ۾ آيو، جڏهن هن پنهنجي ساٿي قيدين کان پڇيو ته ڇا اهي هن ڪهاڻي کي ٻيهر ڏسڻ چاهيندا؟ تقريبن 4 هزار قيدين مثبت جواب ڏنو ۽ پنهنجي راءِ لکت ۾ ڏني.سنجي دت بعد ۾ اهو خيال فلم جي اصل هدايتڪار سبھاش گھائي سان شيئر ڪيو، جنهن ان کي اداڪار جي “اندروني خواهش ۽ جذبي” جو عڪس قرار ڏنو ۽ چيو ته “کھل نائڪ” تفريحي دنيا ۾ هڪ ليجنڊ آهي.ياد رهي ته 1993ع ۾ رليز ٿيل هن فلم ۾ سنجي دت، جيڪي شروف ۽ ماڌوري ڊڪشٽ به مک ڪردار ادا ڪيا هئا ۽ ان کي 1990ع جي ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ بااثر فلمن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.










