کربين روپين جي زمين تي گولف ڪلب پر ڪرايو 5 هزار ڇو؟

کربين روپين جي زمين تي گولف ڪلب پر ڪرايو 5 هزار ڇو؟

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سرڪاري زمينن تي ٺهيل گولف ڪلبن جي قيمت ۽ سرڪاري ڪرائي ڏيڻ تي سوال اٿاري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ 200 گولف ڪلب اربين کربين روپين جي ماليت واري سرڪاري زمين تي ٺهيل آهن، پر اربين روپين واري زمين جو ڪرايو حڪومت کي رڳو 5 هزار رپيا ملي ٿو. بچاءَ واري وزير چيو ته حڪومت غريبن جي گهرن ۽ آبادين تي ته بلڊوزر هلائيندي آهي، پر اهڙن معاملن تي نوٽيس نٿي وٺي، اهڙن روين ۽ پاليسين سبب سماج تباهه ٿي ويندا آهن. ياد رهي ته پاڪستان ۾ سڀ گولف ڪلب فوجي آفيسرن لاءِ آهن پر مزيدار ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين هڪ به انٽرنيشنل مقابلو ناهي کٽيو.

پهنجو تبصرو موڪليو