نوشهروفيروز(د ر) محبت ديرو جتوئي ۾ ڦٽين جي چونڊي لاءِ ويل ڪٽنب کي هٿياربندن يرغمال بڻائي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ مٿن سخت تشدد ڪيو، جنهن سبب هڪ مرد ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيون، يرغمالي ڪٽنب جي دانهن تي آس پاس جا ماڻهو پهچي ويا ۽ ماڻهن جي پهچڻ تي هٿياربند ڪٽنب کي ڇڏي فرار ٿي ويا. محبت ديرو پوليس ڄاتل ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪري زخمي ڪٽنب کي اسپتال لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. متاثر ڪٽنب جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي ويو، جتي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محبت ديرو جي رهواسي محمد اڪرم راجپوت ٻڌايو ته هن 5 سال اڳ عبدالحڪيم قريشي کي هارپي تي پنهنجي 11 جريب زمين ڏني هئي جنهن تي هو هاڻي قبضو ڪري ويٺو آهي. هن چيو ته هو پنهنجي زال خورشيده، ڌيءَ رقيه کي ساڻ ڪري ڦٽين جي چونڊي لاءِ پهتا ته هٿياربندن کين يرغمال بڻائي سخت تشدد ڪيو جنهن سبب سندس گهرواري، ڌيءُ ۽ 5 سالن جو معصوم پٽ علي شعبان زخمي ڪيو آهي. هن چيو ته محبت ديرو پوليس صرف اين سي ڪٽي آهي پر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڇاڪاڻ ته ايس ايڇ او محبت ديرو ۽ وڏو منشي جوابدارن سان مليل آهن . هن چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ڪري سندن زندگين کي خطرو آهي.










