راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيراستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽِ فورسز جي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا آئي ايس پي آر طرفان جار يڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواه جي ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي دوسالي ۾ دهشتگردن جي هجڻ بابت ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آئي ايس پي آر مطابق آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ به دهشتگرد مارجي ويا مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ آيو آهي پاڪ فوج چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا آئي ايس پي آر چيو ته علائقي مان دهشتگردن جو انت آڻڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.










