ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، نيوزيلينڊ فائينل کيڏندو

ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، نيوزيلينڊ فائينل کيڏندو

ڪولڪٽا(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ 12.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 173 رنز ٺاهي ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائينل م پهچي ويو آهي. ٽم سيفرٽ 2 ڇڪن 7 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي 58 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻئي اوپنر فن ايلن 8 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 33 بالن تي سينچري اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. رويندرا به 13 رنز ٺاهي نات آئوٽ رهيو. ان کان اڳ  ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ کي 170 رنز جو ٽارگيٽڏنو آهي.آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل اڄ ڪولڪتا ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ کيڏيو پيووڃي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. 10.2 اوورن ۾ 77 جي اسڪور تي آفريڪا جا 5 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ٽرائسٽن اسٽبز ۽ مارڪو جانسين اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 83 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو، 150 جي اسڪور تي اسٽبورن 29 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو، جنهن بعد مارڪو جانسن وڏا شاٽ کيڏندو رهيو ۽ ففٽي به مڪمل ڪئي. آخري اوور ۾ هينري ڪاربان بوچ کي بولڊ ڪيو جنهن بعد چوٿين بال تي ربادا کي ڪيچ ڪرايو، ڪيشو مهراج هڪ رن ٺاهي، جانسن آخري بال تي 2 رنز ٺاهي 55 تي نات آئوٽ رهيو. هن 5 ڇڪا ۽ 2 چوڪا هنيا ۽ 30 بال کيڏيا. ڏکڻ آفريڪا 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي. ان کان اڳ ايڊن مرڪرم 18، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 10، ريان رڪلٽن زيرو، ڊيوالڊ بريوس 34 ڊيوڊ ملر 6 رنسون ٺاهي ائوٽ ٿيا. ڪول ميڪونچي هڪ ئي اوور ۾ پهريون 2 وڪيٽون ورتيون.  ڏکڻ آفريقي ٽيم هڪ ناقابل شڪست ٽيم جي حيثيت سان سيمي فائنل ۾ داخل ٿي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي ۾، ڏکڻ آفريڪا پنهنجا سڀئي 4 ميچ کٽيا، نيوزي لينڊ، افغانستان، گڏيل عرب امارات ۽ ڪينيڊا کي شڪست ڏني.سپر ايٽ مرحلي ۾، ڏکڻ آفريڪا هندستان، ويسٽ انڊيز ۽ زمبابوي کي ٻن چار تان شڪست ڏني.انهن سڀني ڪاميابين جي باوجود، ڏکڻ آفريقي ٽيم ۾ هڪ خامي اها آهي ته اها ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ پنهنجو تال وڃائي ٿي ۽ پسنديده هجڻ جي باوجود ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي.ٻئي طرف، نيوزي لينڊ جي ٽيم آهي، جنهن پهرين مرحلي ۾ 3 ميچ کٽيا، جڏهن ته سپر ايٽ مرحلي ۾ ان هڪ هارايو، هڪ کٽيو ۽ هڪ ڊرا ٿيو. انهن جي ٽيم جي خاص ڳالهه آل رائونڊرز جي گهڻائي آهي، جنهن ۾ ڊيرل مچل، گلين فلپس، مچل سينٽنر، ميڪ ڪوناگي ۽ چيپمن شامل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو