نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) درياخان مري ڀرسان ڪوٽ لالو اسٽيشن جي شادي شده نوجوان عورت رمضانه بي بي زال ممتاز ڀٽي پيء ڀاء سھري مڙس سميت نيشنل پريس ڪلب م احتجاج بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي شادي 7 سال اڳ ممتاز ڀٽي سان مائٽن جي رضا خوشي سان ٿي جنھن مان مون کي 2 ٻارن جو اولاد آھي ۽ مان پنھنجي مڙس ۽ ٻارن سان خوش آھيان ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي ڏير غلام سرور ڀٽي مون کي ورغلائي مبينا طور نشو ڏئي مون سان نڪاح مٿان نڪاح ڪري ڇڏيو منھنجي بيان بعد ڪورٽ سڳوري نڪاح مٿان نڪاح کي رد ڪندي مون کي پنھنجي مڙس ممتاز ڀٽي ۽ ٻارن سان رھڻ جي اجازت ڏني جڏھن ته غلام سرور ڀٽي رياض کوکر عرفان وڙائچ منھنجي پيء منھنجي ڀاء منھنجي سھري ۽ منھنجي مائٽن تي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مون کي ۽ منھنجي مائٽن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي










